گڏيل قومون – 02 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ ڪميٽي افغانستان ۾ طالبان انتظاميه جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ??لا??ات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. عالمي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪميٽي وقتي افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي کي پاڪستاني ۽ چيني پرڏيهي وزيرن سان ??لا??ات لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست کي قبول ڪري ورتي آهي. سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني ڪميٽي کي لکيل خط مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن درخواست ڪئ?? هئي ته امير خان متقي کي 6 کان 9 مئي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ??لا??ات لاءِ استثنا ڏن?? وڃي جڏهن ته ان درخواست ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته ??لا??ات ?? ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? ويندي.
گڏيل قومن پاران افغان پرڏيهي وزير کي پاڪستاني ۽ چيني هم منصبن سان ملاقات لاءِ اسلام آباد سفر جي اجازت
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری