غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) صحت بابت گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او چيو آهي ??ه اتر غزه جي الشفا اسپتال ۾ طبي سامان پهچائڻ واري ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ هر طرف رت پکيڙيو پيو آهي ??تي سَوين ماڻهو ز??مي حالت ۾ موجود آهن، جڏهن ته نَون زخمين کي مسلسل آندو پيو وڃي. ڊبليو ايڇ او طرفان جاري بيان مطابق اسپتال ۾ ز??مي مريضن لاءِ ڪا مناسب سهولت موجود آهي ۽ کين فرش تي ئي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته الشفا ??پس??ال جيڪا پهرين غزه جي سڀ کان اهم ۽ وڏي اسپتال هئي هاڻ مشڪل سان ڪم ڪري رهي ??هي. ٻارڻ، آڪسيجن خاص طور تي طبي عملو ۽ سامان جي کوٽ سبب آپريٽنگ ٿيٽر ۽ ٻيون خدمتون دستاب ناهن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ??ه اسپتال صرف بنيادي طبي سهولتن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪري سگهي، هن جو چوڻ هو ته موت، تباهي، بک ۽ بيماري جي حالتن ۾ هنگامي طبي ٽيمن سميت خاص طبي، نرسنگ، معاون عملي جي فوري ض??ورت آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ بنيادي انساني ض??ورتون دستياب ناهن، هزارين بي گهر ماڻهو اسپتالن ۾ پناهه وٺي رهيا آهن جن کي کي خوراڪ ۽ صاف پاڻي شديد کوٽ درپيش آهي. صحت جي ع??لم?? اداري مطابق هن وقت الاحلي عرب اسپتال اتر غزه جي واحد جزوي طور تي فعال اسپتال آهي ??نهن سان ٽي گهٽ ۾ گهٽ اسپتالون الشفا، العوده ۽ الصحابه ميڊيڪل ڪمپليڪس آهن.
غزه جي الشفا اسپتال جي ايمرنسي ڊپارٽمينٽ ۾ هر طرف خون پکيڙيو پيو آهي: صحت وارو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن