غزه-29 فيبروري (اي پي پي ) غزه ۾ مختلف هنڌن تي پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي حملن ۾ 30 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. الجزيره موجب اربع ۽ خميس جي رات غزه ۾ نصيرات ۽ بوريج ڪيمپن تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا شهيد ٿيا، انهن حملن ۾ زخمي ٿيلن کي دير البلاح جي الاقصيٰ شهيد اسپتال موڪليو ويو انهن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن ج?? هئي. اسرائيلي حملن ۾ نشانو بڻجندڙ پناهگير ڪيمپن ۾ وڌيڪ ??يترن ئي ماڻهن جا لاش هيٺ دٻجي ويا ويا آهن. اسرائيلي فوج غزه جي ڏکڻ پاسي شهر يونس ۾ به سڄي رات گولا باري جاري رهي. غزه جي يورپي اسپتال کي اسرائيلي گولا باري سبب مارجي ??يل 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن ايمبولينس جو عملو جاري حملن سبب و??يڪ لاشن تائين نه پهچي سگهيو .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی