واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي)آمريڪا هلندڙ سال چونڊن کان اڳ غلط معلومات ذريعي آمريڪي ووٽرز کي نشانو بنائڻ جي الز??م تي ايران ۽ روس جي ٻن ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي واري کاتي جي عملدارن پابندين جو اعلان ڪندي الزام لاڳو ڪيو ته ٻنهي ادارن نومبر کان چونڊن کان اڳ آمريڪي ووٽرن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئ??، آمريڪي ڳجهن ادارن ٻنهي حڪومتن تي اهو الزام لڳايو ته هو جعلي ڊويزن، خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي غلط معلومات پکيڙي رهيون آهن، اهي ووٽرن تي اثر انداز ٿيڻ ۽ آمريڪي چونڊن ۾ اعتماد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڊزائين ڪيون ويون هيون. عملدارن چيو ته روس ۾ موجوده روس جو ادارو سينٽر فار جيو ??ول??ٽيڪل ايڪسپرٽيز آمريڪي اميدوارن جي باري ۾ غلط معلومات پکيڙي ۽ مالي مدد ڪئ??، ان ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪندي ٺاهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز به شامل هيون. روس ۽ ايران جي اختيارين انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو ته هنن 2024?? جي چونڊن جي نتيجن تي اثر اندز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئ??.
آمريڪا پاران چونڊن ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جي الزام سبب ايران ۽ روس جي ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha