اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي پڻ سارا??يو پيو وڃي، ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جو رجحان آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 24 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪا آهن. هن اها ڳالهه چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي ڪنسوريشم جي وفد سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم وفد جو شاندار استقبال ڪندي چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿيندڙ سدابهار دوستي ۽ تعاون تي چين جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو خطي جي اربين ماڻهن جي زن??گي?? کي بدلائڻ وڃي ر??يو آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک