اسلا?? آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا ونگ موجب ڪابينا اسلا?? آباد ايئرپورٽ ج?? نالو تجويز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ پورٽس اينڊ شپنگ وارو وفاقي و??ير مير حاصل بزنجو، وزيراعظم جو خصوصي معاون عرفان صديقي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون بئريسٽر ظفرالله شامل آهن. ڪابينا جي اجلاس ۾ سوئي ناردرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل)، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر/ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي منظوري ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں