اسلام آباد – 16 جنوري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين عالمي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و آهي، هن اها ڳالهه بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آء?? ايس پي) مان فائدو حاصل ڪندڙن جي لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آء?? ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميم??، بي آء?? ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بين??ير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ جي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين غربت جي چنبي مان هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي.
وزيراعظم جي گريجوئيشن پلان بابت بريفنگ جي موقعي تي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی