اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو ع??ام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وز??را??ظم عمران خان چيو ته زميني حقيقتن خاص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عوامي ن??ائ??دا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino