اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ کان کول??ا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کول??ا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ کان جمز، ٿيٽرز ۽ سئنيما هالز پڻ کول??ا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽ??سا??يڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي خت?? ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي سگهن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کولي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کوليا پ??ا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪ??ڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا خت?? ٿيو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا خت?? ناهي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موٽ??سا??يڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.
حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ