اسلام آباد – 24 آگسٽ (ا?? پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هي?? ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد فراز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هي?? ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿي?? پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هي?? ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هي?? اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻ??ا شرڪت ڪندا.
پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي قبر تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪندو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔