اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو ??هي ته درآمد ٿيل ??ڻڪ جي 66 هزار ٽن جي پهرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان پهرين ئي قيمتن ۾ سئو کان ڏيڍ سئو روپين تائين گهٽتائي اچي وئي آهي، سيپٽمبر تائين 4 لک 88 هزار ٽن جا چار جهاز پاڪستان پهچي ويندا جنهن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ قيمتون مستحڪم ٿي وينديون، ??ستقبل ۾ ان بحراني ڪيفيت کان بچڻ لاءِ، ننڍي، ڊگهي ۽ وچولي مدي واري حڪمت عملي هينئر کان اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، معياري ۽ خالص ٻجن جي نشاندهي جو آغاز ٿي ويو ??هي، جنهن جي نشاندهي بروقت ڪئي ويندي ته جئين دهان، ڪڻڪ، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پي آءِ ڊ?? ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه درآمد ڪڻڪ جي پهرين کيپ ڪراچي ۾ لنگر انداز ٿي وئي آهي ايندڙ ٻن ڏينه?? ۾ ??ڌيڪ ڪڻڪ پهچي ويندي، درآمدي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي قيمت?? ۾ ??اٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي اٽي ۽ کنڊ جي قيمت?? ۾ ??اٿ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو ??هي، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جنهن هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتن ۾ اضافو ڪيو ۽ عوام سڌو سنئون متاثر ٿي، ڪووڊ هجي يا ڪا ٻي بحراني صورتحال سنڌ حڪومت سدائين مسئلن تي سياست ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناهلي ۽ بدعنواني کي لڪائڻ لاءِ ان جو الزام وفاق تي لاڳو ڪيو، وفاق 14 کرب کان وڌيڪ جيڪي فنڊ سنڌ کي ڏنا، اهي ڪٿي لڳايا ويا انهن جو جواب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي شهري علائقن کانسواءِ ٻهراڙي جي صورتحال خراب آهي، هن لاڙڪاڻي کي ڪراچي بڻائڻ بدران ڪراچي کي لاڙڪاڻو بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا حڪمران بي نقاب ٿي رهيا آهن، ??واز شريف جن ڪيسن ۾ گهربل آهي جنهن عرصي لاءِ کيس ضمانت ڏني وئي هئي هن قانون کي سرِعام مذاق اڏايو ۽ لنڊن جي کلي فضائن ۾ ڪافي پئي رهيو ??هي، کيس واپس آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
درآمد ٿيل ڪڻڪ جي 66 هزار ٽن جي پهرين کيپ ڪراچي ۾لنگر انداز ٿي وئي آهي: شبلي فراز/ سيد فخر امام
مضمون کا ماخذ : گرم گرم