اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي پنهنجي گهرن جي ??راهمي جو واعدو پورو ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي ڏنل پيڪيج ۽ مراعتن جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، معاشي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت فراش ٽائون ۾ اپارٽمنٽس جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته جنهن منصوبي جي اسان ايتري عرصي کان تياري ڪري رهيا هئاسين ان تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مارگيج فنانسنگ لاءِ بئنڪن س??ن ڳالهيون ڪيون، انفراسٽرڪچر بڻايو ته جيئن عام ماڻهو کي گهر جي تعمير لاءِ سستو قرض ملي سگهي ۽ غريب ماڻهو به پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي، هاڻي هائوسنگ جون اسڪيمون ۽ بئنڪ به قر?? ڏيڻ تي تيار ٿي چڪا آهن. فراش ٽائون ۾ 2 سالن جي اندر ماڻهن کي فليٽس تعمير ڪري ڏنا ويندا، ان منصوبي تي ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته بئنڪ عام ماڻهو کي گهر جي تعمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي، هاڻي به بئنڪن جي ??يٺين اسٽاف طرفان ڪجهه رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي کي مبارڪون ڏيان ٿو ته جنهن نئون پاڪستان هائوسنگ جي ??اءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان سي ڊي اي ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ آٽوميشن طرف وڃي رهيا آهيون، ماڻهن کي اجازت ناما حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، آٽوميشن ۽ ون ونڊو آپريشن س??ن انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جهڙي طرح ايف ڊبليو او رڪارڊ مدي ۾ ڪرتار پور راهداري جي ??نصوبي کي مڪمل ڪيو اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ جي ان منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيوويندو. وزيراعظم چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ تحت ان منصوبي جي ذريعي پهرين 2 هزار فليٽس ان طبقي کي فراهم ڪيا ويندا جيڪي پنهنجو گهر بڻائڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا ۽ اهي عام ماڻهو صرف پنهنجي گهر جو خواب ئي ڏسي سگهندا هئا. ان اسڪيم جي ذريعي جيڪو پئسو گهر جي ??سواڙ جي ??د ۾ ڏيندا هئا اهو ئي بئنڪن جي ??رض ج?? صورت ۾ ڏئي پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي ??يندا، اهو منصوبو عام مزدور، مڪينڪ، ويلڊر جهڙن پورهيت طبقن لاءِ آهي جنهن وٽ پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن پئسو نه هوندو هو، اسان هارين لاءِ به رهائشي منصوبو وٺي اينداسين.وزيراعظم چيو ته حڪومت هيٺين طبقي کي گهر جي ??راهمي لاءِ 3 لک روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، سي ڊي اي 600 گهر ڪچي آبادي جي ??اڻهن کي ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، انهن غير قانوني ڪچي آبادين ۾ سيوريج سسٽم آهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي، اسان ڪچي آبادين کي تبديل ڪنداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.
عوام کي پنهنجي گهرن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados