اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي ل??ءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وارن اقتصادي سڌا??ن طرف ڪاميابي سان گامزن آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي اقتصادي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترق?? جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي ل??ءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحال?? جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.
وڏين صنعتن جي فعال ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania