اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سا??نس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت ??ختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومان??ه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿي??. رومانيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومان??ه جي پرڏيهي وزير بوگدان اوريسڪو رومان??ه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ رومان??ه جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي سا??اهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ رومان??ه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سا??نس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت ??ختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿي??دو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومانيا جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ