اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي سار??هي?? آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪ??تا?? جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪ??تا?? جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪ??تا?? جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي سار??هي??. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اه??يت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي سار??هي??.
وزيراعظم پاران عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب