اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت ج??ل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪا جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي. هن چيو ته ان ڪميٽي ۾ چئني ??وبن جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو ف??ال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت ج?? فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوٽ لکپت ج??ل عملدارن کي خصوصي هداي?? ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت ج?? سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هداي?? ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم قيدين جي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هداي?? ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ ف??ال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم رمضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني ??ڻائڻ جي خصوصي هداي?? ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں