اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، اڳوڻي دور ۾ پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. اها ڳالهه هن سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ AEMEND جي نمائندن تي ٻڌل ميڊيا جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قانونسازي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيمرا قانون ۾ مشاورت سان قانونسازي ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ شق شامل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ٿيو ته فيڪ نيوز سان قومي سلامتي مفادن، عوام جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جو تدارڪ ٿيندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اظهار راءِ جي آزادي جي آئيني، مهذب حق جو فروغ چاهي ٿو. هن چيو ته ??حافت جي موت سياست ۽ جمهوريت جي موت آهي، جمهوريت ۽ آئين جي پيداوار ئي اظهار راءِ جي اهميت ۽ قدر ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ??ياست، صحافت ۽ عوام تي چار سال قيامت جا گذريا آهن، چينل، ڪالم، پروگرام، زبان ۽ اک بند ڪري قوم جي آزادي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيڪا آرڊيننس ۽ پي ايم ڊي اي جهڙن ڪارن قانونن سان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي. هن چيو ته ??سان صحافي برادري جي مشاورت سان هلنداسين، توهان جي راءِ جي روشني ۾ ميڊيا جي آزادي کي فروغ ملندو. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ جي معيش?? وانگر ميڊيا کي به مالي طور تي تباهه ڪيو ??يو. مريم اورنگزيب چيو ته ??حافين جي معاشي تباهي جو احساس آهي، چاهيون ٿا ته ??لد انهن کي پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪريون. هن چيو ته ??ڳوڻي دور ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ڪيترائي فوت ٿي ويا، پگهارون اڌ ٿي ويون، انهن جي خاندان ۽ ٻارن جي تڪليفن کان آگاهه آهيون. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ??سان ملڪ جي معاشي تباهي جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته ??يرملڪي سازش ۾ صحافين تي سنگين الزامن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. پي ايف يو جي جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، ڪوڙن کي گهر تائين پهچائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته ??يڪو سچ ڳالهائي ٿو، چوري پڪڙي ٿو، عمران خان ان کي غدار بڻائي ڇڏي ٿو. هن چيو ته ??يرملڪي سازش جي نالي تي ادارن، عدليه، ميڊيا تي گند اڇاليندڙن کي اسپيس نه ڏنو وڃي، ڪوڙ تي ٻڌل انتشاري فسادي بيانيي جي تدارڪ ۾ ميديا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ??ياستدانن جي پناهه جي جڳهه آزاد، غيرجانبدار ميڊيا هوندي آهي، اسان ان کي طاقتور ڪنداسين. ان موقعي تي وفد موجوده جمهوري حڪومت پاران ڳوڻي حڪومت جي ڪارن قانونن کي ڪالعدم ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪندي چيو ته ??طلاعا?? واري وفاقي وزير عهدو سنڀاليندي ئي پي ايم ڊي اي جي ڪاري ضابطي کي ڪالعدم قرار ڏنو جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. اميد آهي جمهوري حڪومت جمهوري مزاج برقرار رکندي، آئين سان پيدا ٿيندڙ آزادي کي سگهه ملندي. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي وفد مريم اورنگزيب کي اطلاعا?? واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي پڻ مبارڪباد پيش ڪئي.
اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار