بگوٽا -25 آڪٽوبر (اي پي پي) لاطيني آمريڪي ملڪ ڪولمبيا غزه تي اسرا??يل جي حملن کي ٻي جنگ عظيم دوران يهودين مٿان نازين جي ظلمن برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ڪولمبيا جي صدر گسٽاو پيٽرو هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي دفاع واري وزير فلسطينين بابت ا??ا ئي زبان استعمال ڪئي آهي جهڙي زبان جرمن نازين ٻي جنگ عظيم دوران يهودين خلاف استعمال ڪئي هئي. ڪولمبيا جي صدر جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ اسرا??يل ڪولمبيا جي فوجي سازو سامان جي ايڪسپورٽ روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرا??يل جي اعلان کان پوءِ ڪولمبيا جي صدر اسرا??يل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن