گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن خوراڪ جي زيان کي عالمي الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪار رهيا ??ڏه?? ته روزاني هڪ ارب ماڻهن جي ضرورت لاءِ ڪافي خوراڪ ضايع ڪئي وئي. الجزيره موجب گڏيل قومن طرفان ج??ري ڪيل فوڊ ويسٽ انڊيڪس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع دوران خاندانن ۽ ڪمپ??ين 10 کرب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو کاڌو اڇلي ڇڏيو ??ڏه?? ته تقريبن 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪار رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2022ع ۾ هڪ ارب ٽن کان وڌيڪ خوراڪ يا مارڪيٽ ۾ دستياب مصنوعات جو تقريبن 5 حصو ضايع ڪيو ويو. خوراڪ جو وڌيڪ زيان گهرن ۾ ڪيو ويو.گڏيل قومن جي ??اح??لياتي پروگرام جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن چيو ته خوراڪ جو زيان هڪ عالمي الميو آهي. رپورٽ ۾ اشارو ڪيو ويو ته خوراڪ جو هي زيان نه رڳو اخلاقي ناڪامي آهي پر ??اح??لياتي ناڪامي پڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک