بيجنگ-04 اپريل (اي پي پي)تائيوان ۾ 7.3 جي شدت جي زلزلي کان پوءِ گذريل رات کان وٺي صبح تائين ڪل 96 ڀيرا آف??ر شاڪس ريڪاڊ ڪيا ويا، تائيوان جي موسميات کاتي موجب رات جو 11 وڳي تي آيل آف??ر شاڪس (زلزلي کان پوءِ وارن ??وڏن) جو مرڪز هوالين ڪائونٽي جي سامونڊي ڪناري وارو علائقو هو، زلزلي کان پوءِ وارن ??وڏن جي شدت 4 درجا ريڪاڊ ڪئي وئي. خميس تي 2:30 وڳي آيل زلزلي کان پوءِ لوڏا شديد هئا جنهن تي عملدارن شهرين کي موبائل فون تي زلزلي جي وارننگ جاري ڪئي وئي، هوالين شهر ۾ زلزلي کان پوءِ وارن ??وڏن سبب زلزلي متاثر عمارتن جون ڀتيون ڪرڻ جا اطلاع آهن.هوالين ۾ سرچ اينڊ ريڪسيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي،زلزلي سبب بي گهر ٿيل ما??هن لاءِ ڪائونٽي ۾ 20 پناه گاهون قائم ڪيون ويون آهن،متاثر علائقن ۾ ما??هن کي خيما ۽ ٻيون بنيادي شيون فراهم ڪيون ويون آهن، زلزلي سبب 09 ما??هو اجل جو شڪار ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.
تائيوان ۾ 7.3 شدت جي زلزلي بعد 96 ڀيرا زلزلي کان پوءِ وارا لوڏا ريڪارڊ
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب