تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت الله خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آهي ته اسان کي پنهنجون ??ميدون ??شمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشمن جي ??نظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت الله خامنه اي (جنهن کي سمورن ري??ستي معاملن ۾ حت??ي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ