اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، بجلي جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ سبسڊيز رڳو غريبن تائين محدود ڪرڻ جي لاءِ چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت اچي ??يو آهي، حڪومت سنڀالي ته معاملا ٻاهران ويهي ڏسڻ جي بلڪل مختلف هئا، گورننس نظام ۾ بيوروڪريسي جي حوالي سان سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، تعميرات جي شعبي جو فروغ ۽ صنعتي ترقي جا اشارا مثبت آهن، ملڪي معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ روانگي واپار جو فروغ لازمي آهي، ملڪ ۾ توانائي جي ضرو??تن کي پورو ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبا جل?? کان جل?? مڪمل ڪرائڻ چاهيون ٿا، 18 هين ترميم تحت وفاق ۽ صوبن ۾ ڪجهه مسئلا حل طلب آهن، 5 سالن کانپوءِ عوام فيصلو ڪندي ته موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي 21 – 2020ع جي لاءِ وزا??تن جي ڪارڪردگي جي معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۽ وفاقي وزا??تن جي ڪارڪردگي بابت هدف ڏيڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável