اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ن??ڻي واري وزير کي معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهرن جي تعمير لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندانن جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيور??ڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ذميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ايندڙ نسلن جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گرين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمينن جي استعمال جي حوالي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گرين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمين جي نوعيت بدلائڻ جو اختيار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ ??هٽ شرح تي قرضن جي فراهمي، ??هٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندانن جي ??هٽ کان ??هٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل هنر ڏيارڻ جي حوالي سان جامع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ذميداري ن??ڻي واري وزير کي سونپي ڇڏي. اجلاس کي ماحوليات واري وزارت پاران جوڙيل گرين بلڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي گرين بلڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گرين بلڊنگ ڪوڊ توانائي جي بچت، پ??ڻي جي بچت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گرين بلڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان توانائي جي مد ۾ 24 کان 50 سيڪ??و گهٽتائي، ڪاربان جي اخراج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪ??و گهٽتائي پ??ڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪ??و گهٽتائي واقعي ٿيندي آهي جڏهن ته گرين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي ??هٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويندي آهي، اجلاس کي ملڪ جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil