فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تائين پ??چي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلين ڊالر تائين پ??چي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پ??ڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قو??ي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، ه??ڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اضافي سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اضافو، پرڏيهي ن??ڻي جا ذخيرا 24 بلين ڊالر تائين پ??چي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلين ڊالر، چ??نو??، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج