باڪو – 27 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، پا??لياماني سفارتڪاري جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي گڏيل لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي ص??ر الهام عليوو سان باڪو ۾ صدارتي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ پاڪستان جي پا??ليامين وفد جا ميمبر به موجود هئا، اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان توانائي، واپار ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ڪشمير مسئلي تي آذربائيجان جي اڻٽر حم??يت آذربائيجان جي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پا??مالين کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر ۽ عوام کي آرمينيا سان ٿيندڙ جنگ ۾ فتح تي مبارڪباد ڏني، هن ٻطرفي واپاري ماپي ۾ اضافي لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپار واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز ڏني. هن آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مجلس ??ور??ٰ پا??ليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ به دعوت ڏني. آذربائيجان جي ص??ر الهام عليوو چيو ته آذربائيجان ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف سان گڏ بيٺل آهي ۽ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي پاڪستان جي موقف جي حم??يت جاري رکندو.
آذربائيجان ۽ پاڪستان گڏيل مذهب، اخوت، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔