اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن ??فغ??نستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عا??مي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ??فغ??نستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ??فغ??نستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي ??فغ??نستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم ??فغ??نستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن ??فغ??نستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عا??مي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران ??فغ??نستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عا??مي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان ??فغ??نستان مان عا??مي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته ??فغ??نستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏ?? ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن ??فغ??نستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ، عالمي برادري تي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي زور، وزيراعظم پاران افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر