اسل??م آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ??اڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي ??اءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي ??اءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان انهن جي توانائين کي پنهنجي ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي ??عاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي ??عاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پري??يو?? اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي ??اڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن جي ??ائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يو??يو??سٽين ۾ ڪامياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي ??ائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ??دايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل