استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصا??ي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اس??مبلي س??ڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اس??يڪر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽي اس??يڪر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي س??امتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻ??ن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ج?? ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي س??سلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽي اس??يڪر چيو ته پاڪستان اس??امي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر کانسواءِ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني س??ير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.
پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن