اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ع??لم?? برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته مشڪل جي ا?? گهڙي ۾ افغانستان جي عوام جي ا??داد وقت جي ا??م گهرج آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغان عوام لاءِ ضروري آهي پر پاڪستان جي وچ اوڀر جي ملڪن تائين واپار لاءِ پهچ لاءِ به ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل (اي آءِ سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم جي قومي سلامتي ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ??زي??اعظم جي خصوصي مددگار شهزاد ارباب ۽ افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي محمد صادق سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي ??ومي سلامتي ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ا??غانستان ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪردار ۽ افغان عوام جي لاءِ ان فورم تان انساني ا??داد جي حوالي سان هن وقت تائين کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته ??زي??اعظم پاران افغان عوام جي ا??داد لاءِ پنج ار?? روپين جو پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ روز مره استعمال جون شيون، زندگي بچائڻ واريون دوائون، ڪمبل، خيما ۽ سردي کان بچاءُ لاءِ ٻيون شيون به شامل هيون. اهڙيون ع??لم?? غير سرڪاري تنظيمون جيڪي ا??غانستان ۾ انساني ا??داد جي تحت طبي ڪاروباري ۽ ٻيا خصوصي قدم کڻڻ جو ارادو رکنديون آهن انهن جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع آهي ته جيئن هو ع??لم?? غير سرڪاري تنظيمون افغان عوام جي لاءِ انساني ا??داد لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻي سگهن، اهڙي طرح افغانستان واپسي لاءِ هن وقت تائين ڦاٿل مريضن جي لاءِ سهولتن جي آڇ به ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري قيام لاءِ هڪ تجويز ??زي??اعظم کي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي. اهڙي طرح پشاور جلال آباد ۽ ڪوئيٽا قنڌار جي وچ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ سطحي آفيسرن جو هڪ وفد افغانستان جو دورو ڪندو ۽ افغان حڪومت سان گڏجي ا??دادي سرگرمين بابت رخن جو جائزو وٺندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان فورم پاران پاڙيسري ملڪ جي ا??داد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مشڪل جي وقت ۾ ع??لم?? برادري کي ا??غانستان جي عوام کي بي آسرو نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغانستان جي عوام لاءِ ضروري آهي پر وچ اوڀر تائين پاڪستان جي پهچ لاءِ به ضروري آهي.
عالمي برادري پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانستان جي عوام جي امداد وقت جي اهم گهرج آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں