اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نا??ب صدر ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي مع??ملن ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آف??س جي ترجمان موجب يورپي ڪميشن جي نا??ب صدر ۽ پرڏيهي وزير يوڪرين جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ياد ڪرائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ تازي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفارتڪاري سان ئي فوجي تڪرار کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي اثرن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم عمران خان سفارتي حل جي اهميت تي زور ڏيندو رهيو آهي. پرڏيهي وزير تازن واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، پائيدار ڳالهين ۽ مسلسل سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي وزير لاڳاپيل گهڻ رخي مع??هدن، عالمي قانونن ۽ گڏيل ??وم?? جي چارٽر جي اصولن موجب مع??ملي جي حل جي اهميت تي زور ڏنو. جوزف بوريل صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي اجاگر ڪيو. هن سفارتي حل ڳولڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن جي اهميت کي تسليم ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي بوريل ٻطرفا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر جوزف بوريل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز