ٽوڪيو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي ماهرن ڪارالجي ذريعي اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جاپاني خابر?? اداري موجب جاپاني جي سامونڊي علائقي سان لاڳاپيل اداري (آءِ ايڇ آءِ) جا ماهر ڪارالجي استعمال ??ري اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هنن ٽوڪيو کان اٽڪل چار سو ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آئوگاش??ما نالي ٻرندڙ جبل واري ٻيٽ ۾ ست سو ميٽرن جي اونهائي ۾ ها??يڊ??و ٿرمل وينٽ مان اهو سون گڏ ڪيو آهي. وينٽ سمنڊ جي تهه ۾ کلندڙ هڪ جاءِ کي چئبو آهي جنهن مان معدنيات سان ڀرپور گرم پاڻي وهندو آهي. ان وينٽ جي پاڻي جي گرمائش اٽڪل 270 ڊگري سيلسيس آهي، ماهرن ان جاءِ جي چونڊ ان ??ري ڪئي جو اڳ ۾ ??يل تحقيق مان خبر پئي ته ان ها??يڊ??و ٿرمل جي آس پاس پهاڙن ۾ سون گهڻي مقدار ۾موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج