ٽوڪيو – 19 اپريل (اي پي پي) جاپان جي ڪمپني ٽويوٽا موٽرز ڊرائيونگ دوران پويان دروازا کلڻ جي خ??ري کي نظ?? ۾ رکندي سڄي دنيا مان اٽڪل 2 لک 11 هزار پريئس گاڏيون مرمت لاءِ واپس گهرائي ورتيون. اين ايچ ڪي مطابق جاپان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ناڪافي واٽر پروفنگ سبب پاڻي اندر داخل ٿي پوين آٽوميٽڪ دروازن ۾ شارٽ سرڪٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزارت چيو ته جيڪڏهن ڊرائيونگ دوران دروازا لاڪ نه ڪيا ويا هج?? ته بدترين صورتحال ۾ کلي سگهن ٿا، هن وقت تائين اهڙا ٽي واقعا سا??هون آيا آهن جڏهن پريئس جا دروازا گه?? رفتار سا?? سفر ڪندي کلي ويا هئا پر ڪنهن حادثي جو اطلاع ناهي مليو. هن چيو ته ڪمپني ان ماڊل جي پيداوار ان وقت تائين روڪي ڇڏي آهي جيستائين ڄاڻايل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پرزا حاصل نٿا ڪيا ويا وڃن.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados