گڏيل قومون-07 جون (اي پي پي) چين وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. چائنا ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي ??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير رسمي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي اهو وهم نه هجڻ گهرجي ته هو ميدان جنگ ۾ بالادستي حاصل ڪري ٻئي ڌر کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. اهڙي سوچ صرف محاذ آرائي کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي ۽ جنگ کي ڊيگ??ه ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سمورن ملڪن جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي سنجيدگي ??ان وٺڻ گهرجي ۽ متوازن طريقي ??ان حل ڪرڻ گهرجي. هن هڪ متوازن، موثر ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريندي چيو ته دنيا کي اڄ وڏا چئلينج ۽ سلامتي جي سنگين صورتحال درپيش آهي. تڪرارن جي خاتمي، امن جي بحالي ۽ مختلف خطرن کي موثر طريقي ??ان منهن لاءِ ا??ان کي تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ??يڻ گهرجي، گڏيل طور تي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ??يڻ گهرجي.
چين پاران وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی