ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ?? سنگاپور جي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي وزيرن ڊيووس اجلاس دوران ملاقات ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق ٻنهي ملڪن ان موقعي تي ٻه طرفا سهڪار ۽ دلچسپي جي موضوعن تي خي??لن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻه طرفه سهڪار ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرمجوشي جو اظهار ڪيو آهي. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وزير عبدالله ا??سو??حه ?? سندس سنگاپور جي هم منصب جوزفين ٽيو ڊيجيٽل اڪانومي کان علاوه اڀرندڙ معيشت ٽيڪنالوجيز ۽ ڊيجيٽل گورنمنٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفا اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌائڻ جي طريقن تي تفصيلي غور بعد شراڪتداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي وزير ان سلسلي ۾ ڊيجيٽل ترقي لاءِ قدمن کي هم??ائڻ جي ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب ?? سنگاپور گڏيل ڪميٽي جي دائري ۾ ايندڙ معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados