ڪيپ ٽائون- 25جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي انصاف واري عدالت (آءِ سي جي ) ايندڙ جمعي تي غزه ۾ جنگ بندي روڪڻ بابت هنگامي قدمن جي باري ۾ فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي، ان ڳالهه جو اظهار ڪيس جي ڪاروائي کان آگاه ذريعن ڏکڻ آفريقا جي نيوز 24 نالي پورٽل سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، ڏکڻ آفريقا جي انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ان حوالي سا?? هن وقت تائين ڪو به اعلان نه ڪيو آهي ، جڏهن ته ٻئي پاسي ??سر??ئيل جي ??رڏ??هي وزارت ان حوالي سان پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي تي اڃا به نظر رکي رهيو آهي، ڏکڻ آفريقا 29 ڊسمبر 2023 تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ??سر??ئيل خلاف ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته عدالت اهو واضع ڪري ته ??سر??ئيل غزه ۾ ڪريڪ ڊائون جي بهاني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اب ڪيس ۾ ڏکڻ آفريقا عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته عارضي يا ڊگهي مدي وارا قدم کڻي جنهن ۾ ??سر??ئيل کي غزه ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ،غزه کي معاوضي جي آڇ ڪئي وڃي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.
ڏکڻ آفريقا غزه بابت عالمي عدالت جي عبوري فيصلي بابت پر اميد آهي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل