قاهره -17 اپريل (اي پي پي ) مص?? جي پرڏيهي وزير سامح شڪري چيو ته غزه ۾ قيدين ۽ جنگ بندي جي ٺاهه تي پهچڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. العربيه موجب هن چيو ته ان حوالي ??ان ڳلهيون جاري آهن ان ۾ رڪاوٽ ناهي آئي. حالاتن کي سامهون رکندي اسان ائين ڪندا رهنداسين جيستائين مقصد حاصل نٿو ٿ??ي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اسرائيل ۽ ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جئين علائقي ۾ ماحول ۾ سڪون ۽ امن برقرار رکڻ جي اهميت بابت آگاهه ڪري سگهجي. هن چيو ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ گڏيل هدف کي نشانو بنائ?? خطي ۾ تڪرارن کي ڪنٽرول لاءِ ڪنهن به طريقي سان ساز گار ماحول ناهي. مص?? جي پرڏيهي وزير ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته فلسطيني رياست جو قيام سڀني جي اعليٰ ترين مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته رفع ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ جنگي ڏوهه جي برابر هوندي.
غزه ۾ جنگ بندي جون ڳالهيون ملتوي ناهن ٿيون پر جاري آهن: مصر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری