گڏيل قومون – 19 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم اسلاموفوبيا تي او آءِ سي جي مستقل نمائندن جي ڪور گروپ جي قيادت ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسلاموفوبيا خلاف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٺهرائن تي عمل جو جائزو ورتو. ٺهرائن ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ مسلمان مخالف جذبن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ??يو. پريس ريليز مطابق اها ملاقات نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي جيڪا ٺهراءُ 264/78 تي عمل جي سلسلي ۾ فالو اپ هئي. اهو ٺهراءُ 15 مارچ تي منظور ڪيو ??يو جنهن جي شرطن تحت 193 رڪني جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو مذهبي عدم برداشت، ناڪاري دقيانوسي تصورن، مسلمانن خلاف نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ قانون سازي ۽ پاليسي قدمن سميت سمورا ضروري قدم کڻي. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل کي در??وا??ت ڪئي وئي ??ه هو ان رجحان کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جو خاص ايلچي مق??ر ڪري. پريس ريليز ۾ چيو ??يو ته ملاقات دوران او آءِ سي جي سفيرن ٺهراءُ تي وقت سر عمل خاص طور تي اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ خاص ايلچي جي مق??ري جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عالمي سطح تي اسلاموفوبيا جي روڪٿام لاءِ هڪ جامع ايڪشن پلان لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي قيادت ۾ او آءِ سي سفيرن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ايلچي جي مقرري جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste














