ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ??يو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس ک??نپوءِ سنڌ جي گ??رنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ت?? ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ??يو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گ??ر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ت?? سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ??يو ويو آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ??يو ويندو، ان سان گڏوگڏ س??لڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ??يو ويندو، وزيراعظم چيو ت?? ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ت?? ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.
وزيراعظم پاران ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ