اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ ??ال??ي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي ??اب?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 ??ال??ي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کا??سو??ءِ وزيراعظم کي ??ال??ي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.
قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena