ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي ??نساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد کي ??ياسي مسئلن ??ان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن ??ي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي ??هترين رستو قرار ڏنو ۽ چ??و ته انساني امداد کي ??ياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي ??مداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي ??مداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي ??مداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن ??ي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي ??هتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي ??مجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.
افغان پرڏيهي وزارت طرفان انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي راضپي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ