اسلام ??باد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??شر?? رحمت اللعالمين ﷺ جي سلسلي ۾ نعت خواني جو ڪل پاڪستان مقابلو ريڊيو پاڪستان اسلام ??باد ۾ منعقد ٿيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب خاص هئا.
ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۽ ٻارڙين کانسواءِ 15 کان 25 سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٻن ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندڙ ثناءُ خوان مصطفيٰ شرڪت ڪئي. 15 سالن کان گهٽ عمر جي ڪيٽيگري ۾ سن?? مان حسن علي شاهه ۽ ٻارڙين ۾ سن?? مان ثنيه اول انعام ??اصل ڪيا.
پنجاب صوبي مان علي رضا ۽ خيبرپختونخوا صوبي مان ايمان خالد ٻيو انعام ??اصل ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخوا مان ئي حنيف محمد ۽ نورالهديٰ ٽئين پوزيشن حاصل ڪ??ي، 15 کان 25 سالن تائين ٻي ڪيٽيگري ۾ عذير عالم ۽ عائشه اڪبر اول جڏهن ته خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ سعيد احمد شاهه ۽ مغيره بتول ٻي پوزيشن حاصل ڪ??ي، پنجاب جي معين الحق ۽ سن?? مان نور خان نعتيه مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪ??ي، حوصلا افائي جو انعام نور کان محروم ٻارڙي حرا ڪائنات کي ڏنو ويو.