اسلام آباد – 03 في??رو??ي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلديات?? نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلديات?? نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري س??هج?? ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته بلديات?? نظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني و??ي. ??جلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔