اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 ه??ن اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بحرين جي سندس ??م منصب عبدالطيف الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي 48 ه??ن اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچڻ تي بحرين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حوالي سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير ش??ند??ر استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم