اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي فرمانروا شاهه سل??ان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مه??ان نوازي تي سعودي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مه??ان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان ۽ سلطنت سعودي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania