اسلام آباد – 17 – جون (??ي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ??مران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته ??مران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته ??وام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري ??نه??جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رو??ت آهي.
پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم