اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ ايٿوپيا جي سفير جمال بيڪر عبدالله چي?? آهي ته ايٿوپيا جو اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي باضابطا شروعات ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چي?? ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان هڪ قانوني واپاري فريم ورڪ تيار ڪندا جيڪو ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ ترغيب ڏيندو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ٿيندو. هن چي?? ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 1958ع ۾ قائم ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ مضبوط تعاون قائم رهيو آهي. ايٿوپيا جي سفير چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ به ايٿوپيا جي حمايت ڪئي آهي جنهن جي لاءِ اسان پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. سي پيڪ ۾ ايٿوپيا جي دلچسپي بابت هن چي?? ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن مان هڪ آهي، اهو پاڪستان کي باقي دنيا سان ڳنڍيندو. هن چي?? ته گوادر ۽ جبوتي مختصر ترين رستو آهي ۽ اسٽريٽجڪ طور تي اهو پاڪستان کي باقي آفريقا سان ڳنڍي سگهي ٿو. جمال بيڪر عبدالله چي?? ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت جبوتي کان اديس ابابا تائين ريلوي جو منصوبو اڳ ۾ ئي کلي چڪو آهي، ايٿوپيا ان جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ سي پيڪ جي منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. ايٿوپيا جي سفير پاڪستانين جي لاءِ آن ارائيول ويزا پاليسي بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي چي?? ته ماڻهن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو اهو هڪ طريقو آهي ۽ اهي ايٿوپيا ۾ اچي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جي ويزا جي عمل کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي جيڪو تيز ۽ اعتماد جوڳو هجي. ان کان اڳ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير رضوان حسين راميٽو پڻ چي?? هو ته ايٿوپيا پاڪستان جي واپارين جي لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن اهي ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي لاءِ آساني سان آفريقي ملڪ جو دورو ڪري سگهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو اٽڪل 63 ملين ڊالر آهي، ايٿوپيا جي پاڪستان کي درآمدات اٽڪل 4.6 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ايٿوپيا کي پاڪستان جي برآمدات 38.6 ملين ڊالر آهي. آفريقا 1.2 ارب ??بادي جي مارڪيٽ ۽ واپار جو مستقبل هاڻي آفريقا ۽ ايشيا ۾ آهي. ايٿوپيا ۽ پاڪستان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليمي، تعميراتي صنعت، فارماسيوٽيڪل ۽ گارمينٽس سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گه??جي. ايٿوپيا جي ڪافي ۽ چانهه وڌيڪ سستي آهي جيڪا پاڪستان کي برآمد ڪئي ويندي. اهڙي طرح پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل ۽ دواسازي جي برآمدات واپاري ڪاٿي ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ايٿوپيا پاڪستان کان دواسازي جي وڏي مصنوعات برآمدات ڪري رهيو آهي. ايٿوپيا ۾ فيڪٽريون لڳائڻ کانپوءِ برآمدي سامان مختلف آفريقي ملڪن کي موڪلي سگهجي پيو. هن چي?? ته اسان کي هڪ قانوني فريم ورڪ ٺاهڻ گه??جي جيڪو سيڙپڪارن کي ترغيب ڏي ۽ اهو ته انهن جي ملڪيتن جي حقن کي پڻ برقرار رکي. هن چي?? ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان تعليمي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ۽ انهن جو مشن تعليمي مٽاسٽا شروع ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ڇو ته ان سان نوجوانن جي صلاحيت کي سگهه ملي سگهي ٿي. ايٿوپيا جي سفير پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان قيمتي انساني جانين جي زيان ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته هن مشڪل وقت ۾ پوري دنيا کي پاڪستان سان گڏ بيهڻ گه??جي. ٽائيگري جي معاملي جو ذڪر ڪندي هن چي?? ته ايٿوپيا ڳالهين ۽ امن قائم ڪرڻ ذريعي سياسي حل چاهي ٿو، دهشتگرد ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ گروپ حڪومتي اپيل کي نقصان پهچايو ۽ اڻوندڙ جنگ کي ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو. سفير چي?? ته ايٿوپيا جي حڪومت جي اها آئيني ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جو دفاع ۽ تحفظ ڪري. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ٽائيگري پيپلز لبريشن فرنٽ تي آفريقن يونين جي قيادت ۾ امن ڳالهيون جاري رکڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي.
ايٿوپيا جي اسلام آباد ۾ سفارتي مشن جي شروعات ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria