اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ڪيل و??عد?? پورو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ريليف ??لي?? جا 100 گهر تيار ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منزيز گلوبل ايوي ايشن جي سي اي او فلپ جوئيننگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن رڪارڊ مدي ۾ 100 گهرن جي تع??ير تي فلپ جوئيننگ جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته وزيراعظم 2 سيپٽمبر تي ٽانڪ جي دوري دوران 100 گهرن جي تع??ير جو و??عد?? ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 3 سيپٽمبر تي ج??هه جي چونڊ ڪئي وئي ۽ 7 سيپٽمبر تي ٻنهي جاين جي سروي مڪمل ڪري 11 سيپٽمبر تي تع??ير شروع ڪئي وئي. ٽانڪ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انهن گهرن کي رڪارڊ مدي 24 ڏينهن ۾ تع??ير ڪيو ويو. گهرن جي تع??ير کانسواءِ ??لي?? ۾ سولر سسٽم جي سهولت سان ليس اسڪول، ڪلينڪ ۽ ٽيوب ويل پڻ قائم ڪيا ويا آهن. اهي گهر سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انهن جي تع??ير ۾ جديد تعميراتي مٽيريل ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، ??لي?? ۾ قائم ڪيل اسڪول ڪمپيوٽرز سميت جديد سهولتن سان ليس آهي جڏهن ته ان ۾ قائم ڪلينڪ جي ذريعي مقامي آبادي کي صحت ۽ علاج جون سهولتون دستياب هونديون. گهرن جو نقشو ملڪ جي ناليواري آرڪيٽيڪٽ علي نقوي تيار ڪيو. ان بستيءَ جي ڀرپاسي 9000 مقامي وڻن جي وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم گهرن جي تع??ير تي ڪمپني جي سي اي او کي شاباس ڏيندي ان جي جذبي کي ساراهيو ۽ چيو ته 100 گهرن جي تع??ير ٻوڏ متاثرين جي آبادڪاري ۾ اهم قدم ثابت ٿيندي. واضح رهي ته ان گروپ 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ مٺن ڪوٽ، راجن پور ۾ 270 گهر تع??ير ڪيا هئا جڏهن ته اهو گروپ پاڪستان ۾ هوابازي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ اسڪئينگ ريزارٽ ٺاهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ٻوڏ متاثرين سان ڪيل واعدو پورو، وزيراعظم جي هدايت تي 24 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ فلڊ ريليف وليج جا 100 گهر تيار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا