اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) کي ٻڌ??يو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊي اي پي جي ??ا به کوٽ ناهي، موجود ذخيرا ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. اين ايف آر سي سي جي اجلاس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آڙ سي سي ليفٽيننٽ جنرل محمد ظفر اقبال ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي ??ڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيو. اين ايف آر سي سي کي ٻڌ??يو ويو ته ملڪ ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جا ذخيرا به ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون يوريا/ ڊي اي پي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌ??يو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ??ا به کوٽ ناهي ۽ موجود ذخيره ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن. هن وقت قومي سطح تي 6215327 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ پنجاب وٽ 3067435 ميٽرڪ ٽن، سنڌ وٽ 865584 ميٽرڪ تن، خيبر پختونخوا وٽ 96282 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 49630 ميٽرڪ ۽ پاسڪو وٽ 23630 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تع??ن ٻج، ڀاڻ سميت پيداواري لاڳت کي ڏسي ڪيو ويندو آهي ته جيئن آبادگارن کي مناسب منافعو ملي س??هي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري فورم کي ٻڌ??يو ته ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي جي ??هربل مقدار ملڪ ۾ دستياب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي ??وٽ ناهي. 300000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ جي درآمد جو ٽيندڙ پهرين ئي عمل هيٺ آهي. هن چيو ته ربيع جي فصل لاءِ 3870000 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت ڀاڻ ڪمپنين وٽ به 374479 ميٽرڪ ٽن جا ذخيرا موجود آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه آبادگارن کي ڀاڻ جي بروقت ۽ ??هٽ قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار يوريا/ ڊي اي پي جا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصلن لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جي عمل جو به جائزو ورتو ويو. فورم صوبائي حڪومتن کي ٻج جي فراهمي لاءِ تحصيل/ تعلقه جي سطح تي سهولتي مرڪزن جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جون به هدايتون ڪيون.
ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊي اي پي جي ڪا به کوٽ ناهي، موجود ذخيرا ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن: اين ايف آر سي سي کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ