اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ ع??م ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪر?? سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان پوري عمل جي ش??اف??ت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويند??، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته درآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آه??، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ع??م ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی