اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن، برطانيا پاڪستان جو سڀ کان وڏو يورپي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتا سان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ ترقي جا تمام گهڻا امڪان آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪ??شن?? ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي فروغ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تع??ون جي شعبن ۾ ڊاڪٽر ٽرنر جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سان ايندڙ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ برطانيا جي تع??ون ۾ برطانوي هاءِ ڪ??شن?? جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي 17 سالن ک??نپ??ءِ پاڪستان جي دوري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي هاءِ ڪ??شن?? جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ برٽش اي??ر ويز جي ڪمرشل فلائيٽ آپريشن جي بحالي ۾ ان جي نمايان ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم هاءِ ڪ??شن?? جي لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪ??شن?? جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخ، گڏيل ميراث ۽ عوام سان عوام جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت